جنيوا ڪنوينشن

جنيوا ڪنوينشن

جنيوا ڪنوينشن

جنيوا ڪنوينشن (Geneva Convention ):عالمي معاهدن جو هڪ سلسلو، جنهن ذريعي نيشنل ريڊ ڪراس قائم ٿي ۽ جنگ دوران زخمي ٿيندڙن سپاهين ۽ عام شهرين لاءِ انسانيت پسند قانون مقرر ٿيا. هن قسم جي قانونن لاءِ مهم جي شروعات هڪ سوئيز ماهر ۽ انسان دوست شخص جان هينري ڊونينٽ جي ڪتاب ”A Memory of Solferino“ (1862ع) جي اشاعت کان پوءِ ٿي، جنهن ۾ جون 1859ع ۾ سولفرينو جي اترئين اٽالين محاذ تي زخمي سپاهين جي ٿيل اٿاهه تشدد جو ذڪر هو. ’ليگ آف ريڊ ڪراس سوسائٽي‘ 1919ع ۾ پيرس ۾ قائم ٿي، ’انٽرنيشنل ڪميٽي آف دي ريڊ ڪراس‘ هڪ ڌار سوئيز تنظيم آهي، جنهن کي عالمي اٿارٽي (اختيار) ڏني وئي. ريڊ ڪراس جو نشان سوئيز جهنڊي جي احترام طور منتخب ڪيو ويو. سفيد سرخ جهنڊي تي اڇو هلال (پهرينءَ جو چنڊ). اسلامي ملڪن ان بدران اڇي جهنڊي تي ڳاڙهو نشان منتخب ڪيو. 2009ع تائين چار جنيوا ڪنوينشن ٿي چڪا آهن. پهريون جنيوا ڪنوينشن 1864ع ۾ لاڳو ٿيو، جنهن جنگ جي ميدان ۾ بيمار ۽ زخمي سپاهين کي تحفظ مهيا ڪيو. ٻيو ڪنوينشن 1868ع ۾ ٿيو ۽ ان ۾ سامونڊي جنگين ۾ زخمي ٿيندڙ جهاز رانن لاءِ رعايتون ڏنيون ويون. 1929ع جي ٽئين ڪنوينشن جنگي قيدين کي تحفظ ڏنو، جنهن موجب: جنگي قيدي ڏوهي نه آهن، ساڻن انسانيت پسند سلوڪ ڪيو وڃي ۽ جنگ جي پڄاڻيءَ تي کين آزاد ڪيو وڃي. 1949ع ۾ ٿيل چوٿين ڪنوينشن ۾ پهرين ڪنوينشن جا فيصلا ٻيهر لکيا ويا، جن ۾ جنگ دوران شهرين کي به تحفظ ڏيڻ تي زور ڏنو ويو. 1977ع ۾ 1949ع واري جنيوا ڪنوينشن ۾ ٻن پروٽوڪولن جو واڌارو ڪيو ويو ۽ اڻ اعلانيل جنگين جي زد ۾ ايندڙن کي ملڪ اندر ٿيندڙ فسادن جي شڪار ٿيندڙ فردن جهڙو تحفظ ڏنو ويو. هر ڪيٽيگريءَ ۾ طبي تحفظ، مذهبي ۽ انسانيت پسند مدد تي مشتمل آهي. جنوري 2000ع تائين 188 ملڪ 1949ع جي ڪنوينشن تي صحيحون ڪري چڪا هئا. هن ڪنوينشن مطابق بيمار جنگي قيدين کي ٻنهي ملڪن جي گڏيل معاهدن کان اڳ به انهن ملڪن ڏانهن واپس موڪلي سگهجي ٿو .


لفظ جنيوا ڪنوينشنھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو